گلگت بلتستان ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سفر ڪنهن به صورت ۾ رُڪجڻ نه ڏنو ويندو: انجنيئر امير مقام ۽ خواجه سعد رفيق جو اسڪردو ۾ عوامي ميڙ کي خطاب

اسڪردو/اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻي ۾ گلگت بلتستان ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سفر شرع ڪيو ويو آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ رُڪجڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ موجوده حڪومت گلگت بلتستان جي ترقيءَ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري …

اسڪردو/اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻي ۾ گلگت بلتستان ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سفر شرع ڪيو ويو آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ رُڪجڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ موجوده حڪومت گلگت بلتستان جي ترقيءَ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن اسڪردو ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. (ن) ليگ اسڪردو جي انتظام هيٺ تڪ نمبر 2، اسڪردو ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن، مقامي اڳواڻن ۽ عوام وڏي انگ شرڪت ڪئي. ميڙ ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، (ن) ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجه سعيد رفيق، گلگت بلتستان جي تڪ نمبر 1 جي اميدوار ۽ جنرل سيڪريٽري مسلم ليگ (ن) جي اڪبر تابان، تڪ نمبر 2 جي اميدوار امتياز حيدر ڪاجو سميت ٻين خاص شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دؤر ۾ گلگت بلتستان ۾ بي مثال ترقين کي انجام ڏنو ويو. هن چيو ته علائقي ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو، يونيورسٽي آف بلتستان جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جڏهن ته قراقرم يونيورسٽيءَ جي هنزه، ديامر ۽ غذر ڪيمپس به مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻيءَ جي ترقياتي ويزن جو نتيجو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ موجوده حڪومت گلگت بلتستان جي ترقيءَ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. شمسي توانائي (سولر انرجي) جا منصوبا، دانش اسڪول، تعليمي وظيفا، ليپ ٽاپ اسڪيمون ۽ هائوسنگ اسڪيمون نوجوانن ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ حڪومت جا اهم قدم آهن. هن زور ڀريو ته هي اسان جي پارٽيءَ جو پُختو عزم آهي ته ترقي، عوامي ڀلائي ۽ خوشحاليءَ جي ان سفر کي اڳتي وڌايو ويندو ۽ خطي جي عوام کي بهتر تعليم، صحت، روزگار، سياحت ۽ جديد بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ گلگت بلتستان جو حق آهي ۽ ان جو ذڪر حال ۾ اسان جي قائد محمد نواز شريف ڪيو آهي ته اين ايف سي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام جو حق آهي، هاڻي اهو حق ڏيڻ اسان جي پارٽيءَ جو نصب العين آهي. انجنيئر امير مقام چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه امن جو خواهشمند رهيو آهي، جڏهن ته ملڪي دفاعي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ هر قسم جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پنهنجو پاڻ کان تمام وڏي دشمن کي شڪست ڏئي پنهنجي طاقت، عزم ۽ قومي يڪجهتيءَ جو ثبوت ڏنو. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان فوج ملڪي سرحدن لاءِ دفاعي، قومي سلامتيءَ جي تحفظ ۽ امن جي قيام لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. ان موقعي تي خواجه سعد رفيق ۽ ٻين چيو ته (ن) ليگ هميشه عوامي خدمت جي سياست کي هٿي ڏني آهي ۽ آئينده به ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي سفر کي جاري رکيو ويندو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ايندڙ چونڊ مرحلي ۾ (ن) ليگ جي اميدوارن کي ڪامياب بڻائي خطي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ايجنڊا کي وڌيڪ مضبوط ڪن. هن چيو ته (ن) ليگ هميشه گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي ۽ علائقي جي پائيدار ترقيءَ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. اجتماع دوران ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن پارٽي قيادت جي حق ۾ ڀرپور جوش ۽ خروش جو اظهار ڪيو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن (ن) ليگ جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ترقياتي سفر کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجايو.

مزید خبریں