بجيٽ جو وڏو حصو قرضن جي ادائگيءَ تي خرچ ٿيڻ سبب ترقياتي منصوبا متاثر ٿي رهيا آهن: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بجيٽ جو وڏو حصو قرضن جي ادائگيءَ تي خرچ ٿيڻ سبب ترقياتي منصوبا متاثر ٿي رهيا آهن جڏهن ته حڪومت محدود وسيلن باوجود قومي اهميت رکندڙ رٿائن جي پڄاڻيءَ لاءِ پُرعزم آهي. سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل 8 سالن کان …

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بجيٽ جو وڏو حصو قرضن جي ادائگيءَ تي خرچ ٿيڻ سبب ترقياتي منصوبا متاثر ٿي رهيا آهن جڏهن ته حڪومت محدود وسيلن باوجود قومي اهميت رکندڙ رٿائن جي پڄاڻيءَ لاءِ پُرعزم آهي. سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل 8 سالن کان وفاقي ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپين جي سطح تي منجمند هئڻ جي حالت جو شڪار آهي جڏهن ته ان عرصي ۾ صوبن ۾ ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپين مان وڌي 2869 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي، جنهن سبب وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي خرچن ۾ نمايان واڌ پيدا ٿي آهي. احسن اقبال ٻُڌايو ته ترقياتي رٿائن جي مجموعي لاڳت ۽ ٿرو فارورڊ وڌي 10818 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. آئينده مال سال 27-2026ع لاءِ 1126 ارب رپين جي ترقياتي پروگرام جي تجويز ڏني وئي آهي. وزارتن جاري ۽ نَون منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 4097 ارب رپين جي طلب ڪئي جڏهن ته محدود وسيلن سبب 3 هزار ارب رپين جي به طلب پوري ڪرڻ ناممڪن آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته دستياب وسيلن کي دانشمنداڻي سان استعمال ڪندي اعليٰ ترجيحي رٿائن تي ڌيان ڏنو وڃي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقيءَ کي خاص اهميت ڏئي رهي آهي ۽ اين-25 شاهراهه (پاڪستان ايڪسپريس وي) لاءِ 25 ارب رپيا رکڻ جي منصوبا بندي جي سفارش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اتحادي پارٽين جي ترقياتي منصوبن لاءِ 87 ارب رپيا رکندي، جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ضم ٿيل ضلعن لاءِ 153 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هن چيو ته وفاق اين ايف سي جي پنهنجي 40 سيڪڙو حصي مان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي مالي معاونت فراهم ڪندو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي معاشي استحڪام طرف وٺي وڃڻ لاءِ مستحڪم، متوازن ۽ پائيدار ترقيءَ جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. سندس مطابق روانگي واپار ۾ واڌ کانسواءِ بلند ۽ جٽادار معاشي ترقي ممڪن ناهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اهڙي معاشي ترقيءَ جو خواهشمند آهي جيڪا پائيدار هجي ۽ جنهن جا ثمر عوام تائين پهچن. هن ٻُڌايو ته زراعت جي شعبي ۾ سڌارن ۽ پيداوار ۾ واڌ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي، صنعت ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ کي قومي ترقيءَ جي حڪمت عمليءَ جو اهم حصو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اپريل 2026ع ۾ پاڪستان جي ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 21.3 ارب ڊالرن جي سطح تي پهچي ويا، جڏهن ته وياج جي شرح 23 سيڪڙو تي اچڻ هڪ وڏي معاشي ڪاميابي آهي. احسن اقبال چيو ته 2019ع کان 2022ع دوران ورتل وڏن قرضن جي ادائگي هن وقت قومي معيشت تي وڏو بار بڻجي رهي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ واڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ملڪ کي پاڻڀرو بنائڻ لاءِ هر شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو. هن چيو ته نوجوانن کي تعليم ۽ هنر جا موقعا فراهم ڪرڻ، انفراسٽرڪچر جي وڏي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي، سي پيڪ منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومت جا اهم هدف آهن. هن چيو ته پاڪستان کي اُسرندڙ ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قومي سطح تي مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي آهي ۽ ان سفر ۾ سمورن ادارن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں