دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان جي پراڻي ايئرپورٽ کي ڪمرشل فلائٽس لاءِ آپريشنل ڪرڻ جي منصوبي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ نئين گرين فيلڊ انٽرنيشنل ايئرپورٽ منصوبي ۾ …

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان جي پراڻي ايئرپورٽ کي ڪمرشل فلائٽس لاءِ آپريشنل ڪرڻ جي منصوبي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ نئين گرين فيلڊ انٽرنيشنل ايئرپورٽ منصوبي ۾ ٿيل اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خيبر پختونخوا جي گورنر، پراڻي ڊيره ايئرپورٽ جي رن وي جي بقايا ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ضروري اوزارن جي فراهمي جي حوالي سان ان تي ڌيان ۽ ڪردار کي انتهائي ضروري قرار ڏنو آهي. گورنر چيو ته گرين فيلڊ انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڊيره اسماعيل خان ئي نه پر ان خطي جي معاشي حالت تبديلي جو سبب بڻجندو. گورنر ايئرپورٽ بحالي جي حوالي سان دفاع واري وزير خواجه آصف جي ڪاوشن کي ساراهيو.

مزید خبریں