اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 2.83 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 90.19 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪچي تيل جا سودا 2.65 ڊالر جي اضافي سان 93.77 ڊالر ۾ طئي ٿيا. دبئي جي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.42 ڊالر جي اضافي سان 102.55 ڊالر، ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ 120.81 ڊالر ۽ عرب لائيٽ جا سودا 102.10 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، روسي يورال …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ تيزي جو رجحان
اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 2.83 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 90.19 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪچي تيل جا سودا 2.65 ڊالر جي اضافي سان 93.77 ڊالر ۾ طئي ٿيا. دبئي جي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.42 ڊالر جي اضافي سان 102.55 ڊالر، ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ 120.81 ڊالر ۽ عرب لائيٽ جا سودا 102.10 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، روسي يورال ڪچي تيل جي قيمت 86.38 ڊالر ۽ ايران جي مختلف ڪچي تيل قسم جا سودا 90 ڊالر کان 93 ڊالر جي وچ ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت ۾ 55 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 4538 ڊالر في اونس ۽ چاندي جا سودا 0.25 ڊالر جي اضافي سان 76.13 ڊالر ۾ طئي ٿيا، مڪئي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، مڪئي جي قيمت 1.50 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 428.25 ڊالر ۽ ڪڻڪ جي قيمت 5.25 ڊالر جي اضافي سان 615.75 ڊالر في بشل ٿي وئي.












