صحت واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس، مقامي ويڪسين ٺاهڻ کي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ قومي صحت واري وزارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري صحت، ايڊيشنل سيڪريٽري، سي اي او ڊريپ، سي اي او نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سميت صحت واري وزارت جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا ۾ منعقد ورلڊ هيلٿ اسيمبلي دوران ٿيل اهم ملاقاتن، فيصلن ۽ عالمي …

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ قومي صحت واري وزارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري صحت، ايڊيشنل سيڪريٽري، سي اي او ڊريپ، سي اي او نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سميت صحت واري وزارت جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا ۾ منعقد ورلڊ هيلٿ اسيمبلي دوران ٿيل اهم ملاقاتن، فيصلن ۽ عالمي ڀائيوارين تي عملدرآمد جي حوالي سان اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته عالمي سطح تي ڪيل واعدن ۽ قائم ٿيل شراڪتدارين کي وقت سر ۽ اثرائتي انداز ۾ عملي صورت ڏني وڃي ته جيئن پاڪستان جي صحت جي شعبي کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ويڪسين جي مقامي سطح تي تياري جي حوالي سان جاري اڳڀرائي تي به غور ڪيو ويو. صحت واري وزير هدايت ڪئي ته انڊونيشيا سان ويڪسين سازي جي شعبي ۾ ٿيل معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ويڪسين جي مقامي تياري لاءِ انڊونيشيا پاڪستان جو هڪ اهم ۽اعتماد جوڳو ڀائيوار آهي. هن ڊريپ ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ کي هدايت ڪئي ته مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري جي سمورن ضروري مرحلن ۽ انتظامن کي تيز ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 13 اهم بيمارين خلاف ويڪسين جي مقامي تياري وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، جنهن سان نه رڳو قومي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائي سگهبو پر ويڪسين جي دستيابي ۽ پاڻڀرو ٿيڻ ۾ به اضافو ٿيندو. اجلاس ۾ جاري ويڪسين پروگرامز جي مستقبل جي فنڊنگ ۽ پائيداري جي مختلف رخن تي به غور ڪيو ويو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته صحت واري وزارت عوام جي ڀلائي ۽ صحت جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻيندي.

مزید خبریں