اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مالياتي معاملن تي تبصري لاءِ حقيقتون ۽ تناظر اهميت رکندڙ آهن. ذميواراڻي مالياتي تبصري لاءِ ٻئي عمل اڻٽر آهن، ٽيڪس شارٽ فال بابت تبصره گمراهه ڪندڙ آهن. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته سڌ سماءَ وارن ذريعن ۾ جاري مالي سال جي …
مالياتي معاملن تي تبصري لاءِ حقيقتون ۽ تناظر اهميت رکندڙ آهن: خرم شهزاد
اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مالياتي معاملن تي تبصري لاءِ حقيقتون ۽ تناظر اهميت رکندڙ آهن. ذميواراڻي مالياتي تبصري لاءِ ٻئي عمل اڻٽر آهن، ٽيڪس شارٽ فال بابت تبصره گمراهه ڪندڙ آهن. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته سڌ سماءَ وارن ذريعن ۾ جاري مالي سال جي شروعات ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي 14130 ارب روپين جي ٽيڪس هدف جي بنياد تي بار بار 864 ارب روپين جي ٽيڪس شارٽ فال جو ذڪر ڪيو پيو وڃي، جيڪو گمراهه ڪندڙ تاثر آهي. خرم شهزاد چيو ته ٽيڪس هدف مالي سال جي شروعات کان اڳ ڪيترن ئي معاشي مفروضن جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا آهن، جن ۾ مجموعي قومي پيداوار جي اوسر واري شرح، مهانگائي، امڪاني آمدني واپار، وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ اضافو، مٽاسٽا جي شرح ۽ پاليسي ريٽ شامل هوندا آهن. معاشي حالتن ۾ تبديلي سان گڏ انهن مفروضن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو آهي ۽ مالياتي لاڳتن کي به ان ئي مناسبت سان ايڊجسٽ ڪيو ويندو آهي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي شروعاتي روينيو هدف کي عالمي مالياتي فنڊ سان گڏ مشاورت کان پوءِ اٽڪل 13000 ارب روپين تائين گهٽ ڪيو ويو ته جيئن بدلجندڙ معاشي حقيقتن جي عڪاسي ڪري سگهجي. انهن عملن ۾ مهانگائي ۾ لاها چاڙها، مٽاسٽا جي شرح ۾ بهتري، اوسر جي شرح جي بدلجندڙ صورتحال، اندروني چئلينجز سميت ٻوڏ ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جهڙوڪ آمريڪا ايران جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ توانائي ۽ جنسن جي قيمتن ۾ ايندڙ لوڏا شامل آهن. هن چيو ته ان نوعيت جون نظرثانيون مالياتي نظم ۽ نسق جي معمول جو حصو هونديون آهن ۽ ان جو مقصد روينيو ۽ خرچن جي لاڳت کي موجوده معاشي حالتن موجب هم آهنگ رکڻ هوندو آهي. انگن اکرن موجب ايف بي آر مئي ۾ 994 ارب روپيا ٽيڪس جمع ڪيو، جيڪو ماهوار هدف جو 97 سيڪڙو آهي. مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران مجموعي ٽيڪس وصوليون 11257 ارب رپين تائين پهچي ويون. ان عرصي جي هدف جي ڀيٽ ۾ ايف بي آر 99.8 سيڪڙو يعني عملي طور اٽڪل 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو. اهي انگ اکر ڪنهن روينيو بحران، مالياتي هنگامي صورتحال يا وڏي پئماني تي ٽيڪس شارٽ فال جي دعوائن جي تائيد نٿا ڪن. هن چيو ته جون 2026ع جو روينيو هدف نظرثاني ٿيل مالياتي فريم ورڪ جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو آهي، نه ئي انهن پراڻن انگن اکرن جي بنياد تي جن جو حوالو هاڻي به ڪجهه حلقن پاران ڏنو پيو وڃي. جون 2025ع ۾ ايف بي آر 1502 ارب روپيا جمع ڪيا هئا جڏهن ته جون 2026ع جو هدف 1727 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ 15 سيڪڙو اوسر گهربل آهي. اها اوسر واري شرح نظرثاني ٿيل سالياني هدف حاصل ڪرڻ سان گڏ مڪمل طور تي هڪجهڙائي رکي ٿي. هن چيو ته وڏي روينيو گيپ بابت سنسني خيز دعويٰ مالياتي صورتحال جي صحيح عڪاسي نٿا ڪن. مبينه شارٽ فال جي بنياد تي اضافي يا غير معمولي ٽيڪس وصولي يا لاڳو قدمن جي خدشن جو ڪو به بنياد موجود ناهي. اهڙي طرح مالي سال جي آخري مهيني ۾ غير معمولي روينيو يا لاڳو قدمن بابت قياس آرائيون به حقيقتن سان هڪجهڙائي نه ٿيون رکن، جڏهن نظرثاني ٿيل مالياتي فريم ورڪ کي نظر ۾ رکيو وڃي ته وڏي روينيو گيپ جو بيانيو برقرار ناهي رهندو. هن چيو ته مالياتي معالن تي عوامي تبصرو موجوده سرڪاري انگن اکرن ۽ حقيقي معاشي حالتن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، نه ڪي اهڙن پراڻن معيارن جي استعمال تي جيڪي مالياتي دٻاءَ جو گمراه ڪندڙ تاثر پيدا ڪن، بدلجندڙ معاشي حالتن، نظرثاني ٿيل مالياتي لاڳتن ۽ وسيع تر معاشي تناظر کي نظر انداز ڪرڻ سان اهڙا نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، جيڪي حقيقتن ۽ موجوده زميني حقيقتن سان هڪجهڙائي نٿا رکن. هن چيو ته مالياتي معاملن تي تبصري لاءِ ذميواراڻيون حقيقتون ۽ تناظر اهميت رکندڙ آهن. ذميواراڻي مالياتي تبصري لاءِ ٻئي عمل اڻٽر آهن.












