ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيوويو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن موجب 23 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ ڪچي تيل جي سراسر روزاني پيداوار 70 هزار 924 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کان اڳ واري هفتي …

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيوويو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن موجب 23 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ ڪچي تيل جي سراسر روزاني پيداوار 70 هزار 924 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کان اڳ واري هفتي ۾ ملڪ ۾ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار 70215 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح 23 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ گئس جي سراسري روزاني پيداوار 3 هزار 130 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 3.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کان اڳ واري هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي سراسري روزاني پيداوار 3028 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي. هئي. انگن اکرن موجب 23 مئي جي پڄاڻي واري هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار 36 هزار 690 بيرل، پي پي ايل 11 هزار 933 بيرل، پي او ايل 4 هزار 147 بيرل ۽ ماڙي گئس جي ڪچي تيل جي سراسري روزاني پيداوار 1410 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح 23 مئي تي پڄاڻي واري هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گئس جي سراسري روزاني پيداوار 706 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل 550 ايم ايم سي ايف ڊي، پي او ايل 64 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ماڙي ئس جي سراسري روزاني پيداوار 973 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں