اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثنا الله سان ملاقات ڪئي. پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري به ملاقات ۾ شريڪ هو. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران خيبر پختونخوا ۾ ڪڻڪ جي ترسيل تي پابندي جي معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر فيصل …
خيبر پختونخوا جي گورنر جي راڻا ثناءُ الله سان ملاقات
اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثنا الله سان ملاقات ڪئي. پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري به ملاقات ۾ شريڪ هو. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران خيبر پختونخوا ۾ ڪڻڪ جي ترسيل تي پابندي جي معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڪڻڪ جي ترسيل جي مسئلي جي فوري حل جي درخواست ڪئي. ملاقات ۾ خيبر پختونخوا جي امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. سي اين جي اسٽيشنز کي گئس جي فراهمي تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. راڻا ثنا الله جي ڪردار کي به گورنر، خراجِ تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ وفاق ۽ خيبر پختونخوا وچ ۾ اهم معاملن تي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.












