ويانا- پهرين جون (اي پي پي) انٽر نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي سربراه رافيل گروسي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا قبول نه ڪرڻ جوڳا قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته اهڙا قدم فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن ته جيئن ايٽمي حادثن جي حقيقي خطرن کان بچي سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب سماجي رابطي واري پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ رافيل گروسي ڇنڇر ڏينهن ٿيل حملي کي هڪ سنگين واقعو …
آءِ اي اي اي جي سربراهه پاران ايٽمي ٺڪاڻن تي جلد حملا روڪڻ جو مطالبو
ويانا- پهرين جون (اي پي پي) انٽر نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي سربراه رافيل گروسي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا قبول نه ڪرڻ جوڳا قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته اهڙا قدم فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن ته جيئن ايٽمي حادثن جي حقيقي خطرن کان بچي سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب سماجي رابطي واري پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ رافيل گروسي ڇنڇر ڏينهن ٿيل حملي کي هڪ سنگين واقعو قرار ڏنو جيڪو ايٽمي تحفظ جي بنيادي اصولن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. بيان موجب انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي هڪ ٽيم زپورئيزا ايٽمي پلانٽ جو معائنو ڪيو جنهن کي هڪ ڏينهن اڳ مبينه طور ڊرون حملي جو نشانو بڻايو ويو هو، معائني دوران ٽيم ٽربائن عمارت جي ٻاهرين حصي ۾ ڌاتو پهچائيندڙ دروازي کي ٿيل نقصان جو جائزو ورتو، جڏهن ته زمين تي ملبي ۽ آپٽيڪل فائبر جا سڙيل ٽڪرا به هٿ ڪيا ويا. آئي اي اي اي جي ماهرن شروعاتي مشاهدن جي بنياد تي نتيجو حاصل ڪيو ته نقصان جي نوعيت ڊرون حملي سان هڪجهڙائي رکي ٿي. اداري موجب ٽربائن عمارت اندر وڌيڪ معائني جي ڪارروائي ويجهي ڊرون سرگرمي ۽ فائرنگ سبب عارضي طور تي روڪي وئي آهي.












