مڪو شريف -پهرين جون (اي پي پي ) سعودي حج ۽ عمره واري وزارت سڄي دنيا کان آيل لکين حاجين لاءِ پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ کي آسان ۽ منظم بڻائڻ لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون آهن. ايڪس تي آگاهي پيغام ۾ حج ۽ عمره واري وزارت حاجين کي اپيل ڪئي آهي ته مقرره سفري شيڊول سان سندن تعاون اچ وڃ کي موثر بڻائڻ ۽ سفري طريقڪار کي انتهائي آسان بڻائڻ …
حج عبادتون مڪمل، حاجي سڳورا سفري شيڊول جي پابندي ڪن: سعودي حج عمره واري وزارت
مڪو شريف -پهرين جون (اي پي پي ) سعودي حج ۽ عمره واري وزارت سڄي دنيا کان آيل لکين حاجين لاءِ پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ کي آسان ۽ منظم بڻائڻ لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون آهن. ايڪس تي آگاهي پيغام ۾ حج ۽ عمره واري وزارت حاجين کي اپيل ڪئي آهي ته مقرره سفري شيڊول سان سندن تعاون اچ وڃ کي موثر بڻائڻ ۽ سفري طريقڪار کي انتهائي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. وزارت حاجين جي پرسڪون ۽ سهولت سان واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايت ڪئي آهي ته سمورا حاجي پنهنجي لاڳاپيل حج ڪمپني طرفان مقرر ڪيل روانگي جي وقت جي سختي سان پابندي ڪن. ان سان گڏوگڏ کين هدايت ڪئي وئي آهي هو پنهنجي اڏام جي شيڊول کي لاڳاپيل ايئر لائين جي موبائيل ايپ جي ذريعي سڌي ريت ٽريڪ ڪن ته جيئن ڪنهن به امڪاني تبديلي وقت کان آگاهه رهن ۽ حاجي هوائي اڏي تي روانگي جي وقت ڪنهن به قسم جي دير يا پريشاني کان بچڻ لاءِ پنهنجو سامان ۽ ضروري سفري دستاويز روانگي کان هڪ ڏينهن اڳ ئي مڪمل ڪري وٺن. حج ۽ عمره واري وزارت خاص طورتي پرڏيهه کان آيل سمورن حاجين کي هدايت ڪئي آهي ته ان ڳالهه کي هر صورت يقيني بڻائن ته پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي حج ويزا جي وقت ختم ٿيڻ کان پهريان مڪمل ٿي وڃي. ان کان علاوه وزارت طرفان اهو به واضع ڪيو ويو ته حاجي ڪنهن به قسم جي وڌيڪ معلومات لاءِ هيلپ لائن نمبر 1966 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. ان منظم مهم جو بنيادي مقصد 1447هجري جي ڪامياب منعقد بعد سمورن حاجين جي سندن ملڪن ڏانهن حفاظت ۽ بنا رڪاوٽ جي واپسي کي يقيني بڻائڻ آهي.












