اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين منعقد اٺين پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ دوران تعاون جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي لاڳاپن کي هڪ جامع ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت نائب اعلى نمائنده / …
پاڪستان ۽ يورپي يونين پاران ٻطرفي لاڳاپن کي هڪ جامع ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين منعقد اٺين پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ دوران تعاون جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي لاڳاپن کي هڪ جامع ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت نائب اعلى نمائنده / يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالس سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه ٻولهه واري عمل کي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اعلى ترين اداراجاتي فورم قرار ڏنو. هن چيو ته گذريل ستون جائزه اجلاس نومبر ۾ برلسز ۾ ٿيو هو جيڪو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ان نوعيت جي رابطي جي تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ وقفي کانپوءِ ٿيندڙ اجلاس هو. ٻنهي ڌرين پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽڪ انگيجمنٽ پلان 2019ع تحت تعاون تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقي، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني، هجرت ۽ لڏپلاڻ، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙا شعبا شامل آهن. محمد اسحاق ڊار چيو ته يورپي يونين پاڪستان جي وڏي واپاري حصيدارن ۾ شامل آهي ۽ جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري تعاون کي ٻنهي ڌرين جي لاءِ ڪارائتو قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي اعلى نمائندي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ آمريڪا – ايران تڪرار، ڏکڻ ايشيا جي سلامتي جي صورتحال، افغانستان، يورپ ۽ وچ اوڀر شامل هئا. محمد اسحاق ڊار امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ معاون ڪردار ادا ڪرڻ تي يورپي يونين جا ٿورا ادا ڪيا. هن ڀارت جي اشتعال انگيز جارحيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ان تڪرار جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته سنڌ طاس معاهدي بابت پاڪستان جو موقف ثالثي عدالت جي اضافي فيصلي کانپوءِ صحيح ثابت ٿيو جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته معاهدو اولهندي درياهن تي ڀارت جي پاڻي ڪنٽرول جي صلاحيت تي بنيادي حدون لاڳو ڪري ٿو. سلامتي جي معاملن تي محمد اسحاق ڊار افغان سرزمين تي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي عنصرن جي موجودگي ۽ پاڪستان جي خلاف انهن جي مسلسل حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل قومن جي منشور تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. پنهنجي خطاب ۾ يورپي يونين جي اعلى نمائندي ڪاجا ڪالس پاڪستان کي هڪ اهم علائقائي طاقت ۽ يورپي يونين جو اهم حصيدار قرار ڏنو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي ۽ پاڪستان يورپي يونين جي جي ايس پي پلس پروگرام مان سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندڙ ملڪ آهي. ڪاجا ڪالس آمريڪا ۽ ايران جي وچ م پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته انهن قدمن مڪمل جنگبندي جي خدشي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. هن چيو ته يورپي يونين هڪ پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان کي عالمي قانون موجب پنهنجي عوام ۽ پنهنجي سرزمين جي دفاع جو حق حاصل آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر، صاف توانائي، هجرت، لڏپلاڻ ۽ عوامي رابطن، خاص طور تي ايراسمس منڊس اسڪالرشپ پروگرام جي ذريعي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.












