اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن چوڌري افتخار نذير ۽ محمد افضل کوکر جُدا جُدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن چوڌري افتخار نذير ۽ محمد افضل کوکر ملاقات ۾ پنهنجن تڪن سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ڏني. ٻنهي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ جاري فلاحي منصوبن تي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن چوڌري افتخار نذير ۽ محمد افضل کوکر جي ملاقات
اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبرن چوڌري افتخار نذير ۽ محمد افضل کوکر جُدا جُدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن چوڌري افتخار نذير ۽ محمد افضل کوکر ملاقات ۾ پنهنجن تڪن سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ڏني. ٻنهي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ جاري فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ تڪ جي سياسي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. عوامي معاملن واري يونٽ جو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال پڻ ملاقات ۾ موجود هو.












