اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ملاقات ڪئي ۽ صحت واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، قومي صحت واري وفاقي وزير وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم صحت جي شعبي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي ملاقات
اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ملاقات ڪئي ۽ صحت واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، قومي صحت واري وفاقي وزير وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ پوليو ۽ هيپاٽائيٽس جهڙن ٻين مُوذي مرضن جي خاتمي لاءِ وزارت جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.












