اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حج اُڏامن ذريعي وطن واپس پهچندڙ حاجين جو استقبال ڪيو. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سومر تي سعودي ايئر لائنز جي پرواز ايس وي 5724 ذريعي اسلام آباد پهچندڙ 370 حاجين جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي حاجين کي مبارڪباد …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وطن واپس پهچندڙ حاجين جو استقبال ڪيو
اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حج اُڏامن ذريعي وطن واپس پهچندڙ حاجين جو استقبال ڪيو. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سومر تي سعودي ايئر لائنز جي پرواز ايس وي 5724 ذريعي اسلام آباد پهچندڙ 370 حاجين جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي حاجين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن ڀيري هڪ لک 80 هزار پاڪستانين کي حج جي سعادت حاصل ٿي، جن مان هڪ لک 20 هزار حاجين سرڪاري حج اسڪيم تحت حج ادا ڪيو. حاجين حج 2026ع جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي مذهبي معاملن واري وزارت حاجين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون. هن مذهبي معاملن واري وزير سردار يوسف ۽ سندس ٽيم کي حج جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني.












