پي ٽي ڊي سي پاران مختلف سهڪاري ادارن جي تعاون سان نيشنل ٽوئر گائيڊ ٽريننگ پروگرام 2026ع شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ، تربيت يافته ٽوئر گائيڊن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي مقصد تحت مختلف سهڪاري ادارن جي تعاون سان نيشنل ٽوئر گائيڊ ٽريننگ پروگرام 2026ع شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي ڊي سي جي عملدارن اي پي …

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ، تربيت يافته ٽوئر گائيڊن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي مقصد تحت مختلف سهڪاري ادارن جي تعاون سان نيشنل ٽوئر گائيڊ ٽريننگ پروگرام 2026ع شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي ڊي سي جي عملدارن اي پي پي کي ٻڌايو ته هي پروگرام ڊپارٽمينٽ آف ٽوئرسٽ سروسز (ڊي ٽي ايس)، سسٽينيبل ٽوئرزم فائونڊيشن پاڪستان، الپائن ڪلب آف پاڪستان، ڪاليج آف ٽوئرزم اينڊ هاسپيٽلٽي مئنيجمينٽ (سي او ٽي ايڇ ايم) ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن آف ٽوئر آپريٽرز جي تعاون سان منعقد ڪيو پيو وڃي. عملدران موجب، هي ٻن هفتن جو جامع تربيتي پروگرام 13 جون کان 26 جون 2026ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان مرد ۽ عورت اميدوار حصو وٺي سگهندا. پروگرام جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي سياحت، رهنمائي، مهمان نوازي، ثقافتي ورثي جي تعارف، سياحن سان موثر رابطي ۽ عملي ميدان ۾ گهربل مهارتن سان ليس ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پيشيور ٽوئر گائيڊ طور خدمتُون سرانجام ڏيئي سگهن. تربيتي پروگرام لاءِ هر اميدوار 15,000 رپيا رعايتي فيس مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ تربيتي مواد، سرٽيفڪيٽ، اسٽيشنري ۽ عملي فيلڊ ٽرپ لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت به شامل هوندي. گهٽ آمدني وارن مستحق اميدوارن جي درخواست تي جزوي اسڪالرشپس پڻ فراهم ڪري سگهجن ٿا. پي ٽي ڊي سي ۽ سهڪاري ادارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جي بيشمار صلاحيت آهي ۽ تربيت يافته ٽور گائيڊ ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن کي بهتر خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن پروگرام ذريعي، نوجوان نه رڳو پيشيوراڻيُون صلاحيتون حاصل ڪندا پر سياحت جي صنعت ۾ باعزت روزگار جا موقعا پڻ حاصل ڪندا. پروگرام ۾ حصو وٺڻ جا خواهشمند اميدوار 8 جون تائين آن لائن رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. منتظمين نوجوانن کي هن موقعي جو فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اهي پنهنجي سياحت سان واڳيل دلچسپي کي هڪ ڪامياب پيشيوراڻي ڪيريئر ۾ تبديل ڪن ۽ پاڪستان جي سياحت جي تشخص جا سفير بڻجن.

مزید خبریں