اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پرڏيهي معاملن بابت يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ۽ سلامتي پاليسي/ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجاڪالاس (اڄ) پهرين جون تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندي. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي اعليٰ …
پرڏيهي معاملن بابت يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ۽ سلامتي پاليسي/ يورپي ڪميشن جي نائب صدر پهرين جُون تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندي: پرڏيهي وزارت
اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پرڏيهي معاملن بابت يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ۽ سلامتي پاليسي/ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجاڪالاس (اڄ) پهرين جون تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندي. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده پاڪستان- يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي 8 هين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، اهو ڊائيلاگ ٻنهي ڌرين وچ ۾ باضابطه ڳالهين جو اعليٰ ترين پليٽ فارم آهي. يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري سميت اعليٰ قيادت سان ملاقاتون به متوقع آهن. پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو جيڪي گڏيل قدرن، مضبوط اقتصادي سهڪار ۽ گهڻ رخي نظام سان گڏيل وابستگي تي ٻڌل آهن. اهو متوقع دورو پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ اعليٰ سطحي سياسي رابطن جي سلسلي جو عڪاس ۽ گڏيل شراڪتداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو اظهار آهي.












