مڪه مڪرمه - 31 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف حج 2026ع جي ڪامياب بندوبست ۽ پاڪستان کي مسلسل ٻئي سال عالمي لبيتم ايڪسيلنس ۽ پرائيويٽ حج اسڪيم جا 3 ايوارڊ ملڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته هلندڙ سال بهترين انتظامن عيوض شڪايتن جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ رهي، روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ مان 80 سيڪڙو حج پانڌيئڙن فائدو کنيو. سعودي …
حج پاليسي 2027ع جون بڪنگ ايندڙ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيون وينديون: وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي پريس ڪانفرنس
مڪه مڪرمه – 31 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف حج 2026ع جي ڪامياب بندوبست ۽ پاڪستان کي مسلسل ٻئي سال عالمي لبيتم ايڪسيلنس ۽ پرائيويٽ حج اسڪيم جا 3 ايوارڊ ملڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته هلندڙ سال بهترين انتظامن عيوض شڪايتن جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ رهي، روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ مان 80 سيڪڙو حج پانڌيئڙن فائدو کنيو. سعودي حڪومت جي نئين ٽائيم لائين تحت حج پاليسي 2027ع هلندڙ سال جون ۾ ئي وفاقي ڪابينه ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ پهرين اچو ۽ پهرين حاصل ڪيو پاليسي برقرار رهندي، ايندڙ ٻن مهينن ۾ نئين حج جي بڪنگ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. 2027ع حج جا خواهشمند حج پانڌيئڙا پنهنجا پاسپورٽ فوري تيار ڪرائين. حج هڪ گڏيل ذميواري هوندي آهي جنهن تي سياست يا پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي. هو آچر ڏينهن پاڪستان حج مشن مڪه مڪرمه ۾ پوسٽ حج پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان حج مشن عبدالوهاب سومرو، چيف ڪوآرڊينيٽر مرزا علي محسود، ڊائريڪٽر حج مڪه محمد عارف اسلم رائو به ساڻس گڏ هئا. وفاقي وزير ٻڌايو ته حج 2026ع ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو آهي. حج پانڌيئڙن پنهنجا حج جا رڪن خير سان ادا ڪيا، اها ڪاميابي پاڪستان حڪومت، مذهبي معاملن واري وزارت، پاڪستان حج مشن ۽ سعودي اختيارين جي مثالي تعاون جو نتيجو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن موجب حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون. پاڪستان حج مشن جي ڪارڪردگي کي سعودي عرب جي حج واري وزير جي سربراهي ۾ عالمي فورم تي به ساراهيو ويو. جتي پاڪستان مسلسل ٻئي سال ”لبيتم ايڪسيلنس ايوارڊ“ حاصل ڪيو، جيڪو پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هڪ لک 80 هزار حج پانڌيئڙن جي ڪوٽا سان پاڪستان دنيا ۾ ٻي نمبر تي آهي، هلندڙ سال پرائيويٽ سيڪٽر کي به بهترين ڪارڪردگي تي 3 ايوارڊ مليا. وفاقي وزير چيو ته رهائش، ٽرانسپورٽ ۽ خوراڪ جي بهترين انتظامن سبب هن سال شڪايتن جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ رهي. روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جو دائرو لاهور تائين وڌائڻ سان حج 2026ع ۾ 80 سيڪڙو حاجين فائدو کنيو. مدينه منوره ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ مرڪز يا فائيو اسٽار کان ون اسٽار تائين بهترين هوٽل حاصل ڪيا ويا هئا. وفاقي وزير حج ميڊيڪل مشن ۽ سعودي جرمن اسپتال جي تعاون جي به تعريف ڪئي جن خصوصي انتظامن تحت 146 سخت بيمار ۽ ضعيف حاجين کي وقوفِ عرفات ۽ طوافِ زيارت سميت ٻيا رڪن ادا ڪيا. وفاقي وزير فيڪ نيوز ۽ مس انفارميشن کي وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو ته حج 2026ع ۾ به زميني حقيقتن جي ابتڙ سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته مين اسٽريم ميڊيا ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندي حقيقتون عوام سامهون رکيون. هن واضح ڪيو ته حج سڀني جي گڏيل ذميواري اهي، ان موقعي تي پوائنٽ اسڪورنگ يا سياست نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سڀ خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن سعودي قيادت، خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، سعودي حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه ۽ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جو دل جي گهرائين سان ٿورو مڃيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته حج وزارت حج 1448هه (2027ع) جي پاليسي ۽ ٽائيم لائينز جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ نئين سيزن جون تياريون باقاعده شروع ٿي چڪيون آهن. سعودي ڊيڊ لائين مطابق حج پاليسي 2027ع هلندڙ سال جون ۾ وفاقي ڪابينه ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ درخواستن جي وصولي، پيڪيج ۽ طريقيڪار طئي ٿيندو. ايندڙ سال به پهرين اچو ۽ پهرين حاصل ڪيو واري پاليسي لاڳو رهندي. امڪان آهي ته ايندڙ ٻن مهينن اندر حج 2027ع جي بڪنگ مڪمل ڪئي ويندي. خواهشمند ماڻهو هاڻي کان ئي پنهنجا پاسپورٽ ٺهرائين. اسين مقدس ماڳن ۾ بڪنگ وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حج 2026ع جي مشاهدن ۽ تجربن جي روشني ۾ 2027ع جي انتظامن کي بهتري وڌيڪ بڻايو ويندو. هلندڙ سال مدينه کان مڪي تائين ٽرين ذريعي سفر جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع نه ٿي سگهيو هو. جڏهن ته حج 2027ع لاءِ ان تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. ايندڙ سال به مسجد نبوي جي ويجهو رهائشين کي يقيني بڻايو ويندو ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي وڌيڪ فعال ڪيو ويندو. وفاقي وزير مستقبل جي ڪمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ايندڙ سال حج پانڌيئڙن جي ميڊيڪل فٽنيس ۽ اسڪريننگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن صرف صحتمند حج پانڌيئڙن کي ئي حج تي آڻي سگهجي. ان کان علاوه، حج پانڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ گروپ ناظمن جي چونڊ وقت سر ڪري کين تربيت جي مرحلي کان ئي مصروف رکيو ويندو ته جيئن هو حج معاملن کي بهتر سمجهي سگهن. حج پانڌيئڙن جي تربيت جو دائري ڪار حاجي ڪيمپن مان وڌائي ڊويزن جي سطح تائين وٺي وينداسين ته جيئن حج پانڌيئڙا آساني سان تربيت حاصل ڪري سگهن. آخر ۾ هن پوري قوم ۽ وطن عزيز جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي.












