اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون چيو آهي ته مدينو پاڪ اهڙو مقدس شهر آهي، جتي ڪنهن به دنياوي حيثيت يا ذاتي غرور جي اهميت باقي نه آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ فهد هارون، رسو ل پاڪ صلي الله عليه وسلم جي روضي تي حاضري وقت پنهنجي احساسن جو اظهار ڪندي چيو …
مدينو پاڪ اهڙو شهر آهي، جتي ڪنهن دنياوي حيثيت يا ذاتي غرور جي ڪا به اهميت نه آهي: فهد هارون
اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون چيو آهي ته مدينو پاڪ اهڙو مقدس شهر آهي، جتي ڪنهن به دنياوي حيثيت يا ذاتي غرور جي اهميت باقي نه آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ فهد هارون، رسو ل پاڪ صلي الله عليه وسلم جي روضي تي حاضري وقت پنهنجي احساسن جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرف دنياوي طاقت جو مرڪز ۽ ٻئي پاسي مدينو پاڪ آهي، جتي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو روضو آهي. هتي هر لقب مٽجي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مدينو پاڪ اهڙو برڪتن وارو شهر آهي، جتي موجودگي جي روحاني اثرن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته زائرين روضي تي حاضري کان پوءِ جڏهن واپسي جو سفر شروع ڪندا آهن ته انهن جو دل شڪر گذاري جي احساس سان ڀريل هوندو آهي.












