اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تماڪ جي استعمال جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن آچر 31 مئي تي ملهايو ويو. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته تماڪ جو استعمال بند ڪرڻ جي هڪ سال ۾ ئي دل جي بيمارين جو خطرو اڌ رهجي ويندو آهي. صرف دل جي ڌڙڪن ئي 20 منٽن تي معمول تي اچي ويندي آهي. 2 کان 12 …
سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ تماڪ جي استعمال جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن آچر تي ملهايو ويو
اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تماڪ جي استعمال جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن آچر 31 مئي تي ملهايو ويو. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته تماڪ جو استعمال بند ڪرڻ جي هڪ سال ۾ ئي دل جي بيمارين جو خطرو اڌ رهجي ويندو آهي. صرف دل جي ڌڙڪن ئي 20 منٽن تي معمول تي اچي ويندي آهي. 2 کان 12 هفتن ۾ ڦڦڙن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي ويندي آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد تمام ۽ تماڪ جي استعمال سان پيدا ٿيندڙ سنگين خطرن بابت عوام ۾ جاگرتا پيدا ڪرڻ آهي. صحت جي عالمي اداري سڄي دنيا جي حڪومتن کي اپيل ڪئي آهي ته نئين نسل کي تماڪ ۽ نِڪوٽين جي مصنوعات جي استعمال واري عادت کان بچائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن. ڊبليو ايڇ او وارننگ ڏني آهي ته تماڪ ۽ نِڪوٽين ٺاهيندڙ ڪمپنيون پنهنجن مصنوعات کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ، استعمال ۾ آساني ۽ ڇڏڻ کي ڏکيو ڪرڻ لاءِ انهن ۾ تبديليون ڪري رهيون آهن. ان ڏينهن جي مناسبت سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مضمون شايع ڪيا ويا ۽ پروگرام نشر ڪيا ويا.












