اسلام آباد - 31 مئي (اي پي پي) ڄمون ڪشمير تي قابض ڀارت جون مسلمانن خلاف مذهبي تعصب تي ٻڌل ڪارروائيون عروج تي آهن. مذهبي تعصب جو شڪار مودي سرڪار هٿ ٺوڪن ادارن ذريعي مذهبي درسگاهن ۽ مدرسن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب قابض فوج سرينگر ۽ شوپيان ۾ ٽن مختلف جاين تي ڪارروائيون ڪيون. شوپيان ۾ سراج العلوم يونيورسٽي ۾ ڪيل ڪارروائي کي ڀارتي حڪومت …
ڄمون ڪشمير ۾ مسلمانن خلاف ڪارروائيون عروج تي، مودي سرڪار مدرسن ۽ ديني درسگاهن کي نشانو بڻائڻ لڳي: رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) ڄمون ڪشمير تي قابض ڀارت جون مسلمانن خلاف مذهبي تعصب تي ٻڌل ڪارروائيون عروج تي آهن. مذهبي تعصب جو شڪار مودي سرڪار هٿ ٺوڪن ادارن ذريعي مذهبي درسگاهن ۽ مدرسن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب قابض فوج سرينگر ۽ شوپيان ۾ ٽن مختلف جاين تي ڪارروائيون ڪيون. شوپيان ۾ سراج العلوم يونيورسٽي ۾ ڪيل ڪارروائي کي ڀارتي حڪومت اڳ ئي هڪ طرفه طور تي غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي. ڀارتي فوج شوپيان جي علائقي امام صاحب ۾ واقع هڪ سرڪاري اسڪول ۾ سرچ آپريشن ڪيو. مرڪزي ايجنسي جي ٽيم مولو چترگاه ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي سربراه جي گهر تي ڇاپو هنيو. هوڏانهن سرينگر جي لال بازار واري علائقي ۾ جامع البنات مدرسي ۾ سرچ آپريشن ڪيو. ماهرن موجب قابض ڀارتي فوج جون ولاريل علائقن ۾ مسلمانن خلاف فاشسٽ مودي سرڪار جون ڪارروائيون مسلمانن خلاف ايجنڊا جو ثبوت آهن. ڀارت طاقت ذريعي مسلمانن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي فوري طور تي ڀارتي ظلمن جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي.











