درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي)  واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 76 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 39 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 39 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو …

اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي)  واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 76 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 39 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 39 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 61 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو  هڪ لک 61 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزارڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 80 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 68 هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 63 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 20 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1447.27 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.932 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1168.40 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.499 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 642.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.063 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.