معرڪه حق ۾ پاڪستان هٿان ڀارت جي ذلت آميز ناڪامي جو عالمي سطح تي اعتراف، سربين صدر جي پڻ تصديق

اسلام آباد- 31 مئي(اي پي پي) معرڪه حق ۾ پاڪستان هٿان ڀارت جي ذلت آميز ناڪامي جو عالمي سطح تي واضح اعتراف ڪيو ويو آهي. آپريشن سندور ۾ نالي ماتر دفاعي برتري ۽ گمراه ڪندڙ ڪوڙ جو ڀارتي پول کلي ويو.  وچ يورپ جي ملڪ سربيا جي صدر پڻ ڀارتي دفاعي نظام جي تباهي واري پاڪستاني موقف جي تصديق ڪئي آهي. سربيا جي صدر تازي انٽرويو ۾ اڻ ڌري تجزئي جو …

اسلام آباد- 31 مئي(اي پي پي) معرڪه حق ۾ پاڪستان هٿان ڀارت جي ذلت آميز ناڪامي جو عالمي سطح تي واضح اعتراف ڪيو ويو آهي. آپريشن سندور ۾ نالي ماتر دفاعي برتري ۽ گمراه ڪندڙ ڪوڙ جو ڀارتي پول کلي ويو.  وچ يورپ جي ملڪ سربيا جي صدر پڻ ڀارتي دفاعي نظام جي تباهي واري پاڪستاني موقف جي تصديق ڪئي آهي. سربيا جي صدر تازي انٽرويو ۾ اڻ ڌري تجزئي جو زميني شاهدين ۽ دستياب ڊيٽا جي بنياد تي حقيقتون بيان ڪيون آهن. صدر اليگزينڊر ووچيچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ چيني هٿيارن غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀارت جي دفاعي نظام جي ريڊار کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته چيني سيٽلائٽس ذريعي اهو ڏٺو ويو هو ته فرانسيسي ريڊار ڪٿي تباه ٿيو ۽ ڀارت جي ريڊار نظام کي ڪٿي نشانو بڻايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت غير تصديق ٿيل دعوائن کان حقيقت کي وڌيڪ دير تائين نه ٿو لڪائي سگهي. آخرڪار ثبوت ۽ شاهديون پاڻ سچائي واضح ڪنديون.