بيجنگ – 31 مئي (اي پي پي) چين انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي لاءِ نئون تجرباتي سيٽلائٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها سيٽلائٽ ڏکڻ اوڀر صوبي سيچوان ۾ زيچانگ سيٽلائٽ لانچ سينٽر مان گذريل ڏينهن صبح 2 لڳي 7 منٽن (بيجنگ وقت) تي لانگ مارچ-2 ڊي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي روانو ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيٽلائٽ ڪاميابي سان پنهنجي طئي ٿيل مدار ۾ داخل ٿيو. …
چين جو انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي لاءِ نئون تجرباتي سيٽلائٽ لانچ، طئي ٿيل مدار ۾ داخل ٿي ويو
بيجنگ – 31 مئي (اي پي پي) چين انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي لاءِ نئون تجرباتي سيٽلائٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها سيٽلائٽ ڏکڻ اوڀر صوبي سيچوان ۾ زيچانگ سيٽلائٽ لانچ سينٽر مان گذريل ڏينهن صبح 2 لڳي 7 منٽن (بيجنگ وقت) تي لانگ مارچ-2 ڊي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي روانو ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيٽلائٽ ڪاميابي سان پنهنجي طئي ٿيل مدار ۾ داخل ٿيو. اهو سيٽلائٽ بنيادي طور تي فني تجربن ۽ تصديقي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو جنهن ۾ موبائل فونز جي سيٽلائٽس سان سڌي ريت براڊ بينڊ ڪنيڪٽيويٽي ۽ زميني ۽ خلائي نيٽ ورڪ جي مربوط نظام جي ٽيڪنالاجي شامل آهي.












