ڪنشاسا – 31 مئي (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ازهانوم گيبريس جمهوريه ڪانگو جي اوڀر واري شهر بونيا ۾ ايبولا وبا جي مرڪز جو دورو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊاڪٽر ٽيڊروس ازهانوم گيبريس بونيا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عالمي برادري ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي حڪومت جي مدد ڪري رهي آهي، پر ان سان گڏو گڏ ڪميونٽي جي شموليت …
صحت جي عالمي اداري جي سربراهه جي جمهوريه ڪانگو آمد، ايبولا وبا جي مرڪز جو دورو ڪيو
ڪنشاسا – 31 مئي (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ازهانوم گيبريس جمهوريه ڪانگو جي اوڀر واري شهر بونيا ۾ ايبولا وبا جي مرڪز جو دورو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊاڪٽر ٽيڊروس ازهانوم گيبريس بونيا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عالمي برادري ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي حڪومت جي مدد ڪري رهي آهي، پر ان سان گڏو گڏ ڪميونٽي جي شموليت به نهايت اهم آهي. هن چيو ته سندس دوري جو مقصد مقامي برادري سان ملاقات ڪرڻ، وبا تي ضابطو آڻڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ ۽ درپيش چيلنجز کي سمجهڻ آهي ته جيئن بهتر سهڪار فراهم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر ٽيڊروس ازهانوم گيبريس بونيا ۾ ايبولا وبا جي وڏي طبي مرڪز جو افتتاح به ڪندو جيڪو خيمن بدران هڪ مستقل عمارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن صحت جو عالمي اداري تازي ايبولا وبا کانپوءِ پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي آف انٽرنيشنل ڪنسرن (پي ايچ اي آءِ سي) جو اعلان ڪيو. ان وبا ۾ هن وقت تائين 246 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ شڪي ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.












