رياض – 31 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت چيو آهي ته حج سيزن دوران وبائي بيمارين جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان حج سيزن جي سمورن سطحن تي مجموعي ڪاميابي جي سرڪاري رپورٽس کانپوءِ ڪيو ويو آهي. سعودي عرب جي صحت واري وزير فهد الجلاجل چيو ته اها ڪاميابي حج پانڌيئڙن جي صحت لاءِ مملڪت جي سار سنڀال ۽ ٻين …
حج سيزن دوران وبائي بيمارين جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو: سعودي صحت واري وزارت
رياض – 31 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت چيو آهي ته حج سيزن دوران وبائي بيمارين جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان حج سيزن جي سمورن سطحن تي مجموعي ڪاميابي جي سرڪاري رپورٽس کانپوءِ ڪيو ويو آهي. سعودي عرب جي صحت واري وزير فهد الجلاجل چيو ته اها ڪاميابي حج پانڌيئڙن جي صحت لاءِ مملڪت جي سار سنڀال ۽ ٻين سرڪاري ادارن سان هيلٿ ڪيئر سسٽم جي تياري جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته سعودي عرب وڏن ميڙاڪن دوران عوامي صحت جي تحفظ جي پنهنجي ذميواري کي سمجهي ٿو، عالمي صحت جي چيلنجز ايبولا ۽ هنٽا وائرس جي ڪيسز باوجود حاجين ۾ وبائي بيماري جو ڪو شڪ يا تصديق ٿيل ڪيس سامهون ناهي آيو. ان جو سبب شروعاتي تياري، مسلسل نگراني ۽ اعليٰ تياري آهي، صحت جي شعبي 24 ڪلاڪ احتياطي، هنگامي ۽ علاج جون خدمتون فراهم ڪيون. صحت واري وزارت قيادت جي سپورٽ، حج اختيارين، هيلٿ ڪيئر ٽيمن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ هم آهنگي کي ساراهيو.












