نوم پنه - 31 مئي (اي پي پي) ڪمبوڊيا ۽ قازقستان سفارتي، سرڪاري يا خدماتي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا جي شرط کان ڇوٽ جي معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمبوڊيا جي پرڏيهي وزارت ۽ عالمي تعاون پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي تي گادي واري شهر نوم پنه ۾ ڪمبوڊيا جي وقتي پرڏيهي وزير ۽ عالمي تعاون ايٽ سوفيا ۽ ڪمبوڊيا ۾ …
ڪمبوڊيا ۽ قازقستان وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا فري معاهدو
نوم پنه – 31 مئي (اي پي پي) ڪمبوڊيا ۽ قازقستان سفارتي، سرڪاري يا خدماتي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا جي شرط کان ڇوٽ جي معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمبوڊيا جي پرڏيهي وزارت ۽ عالمي تعاون پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي تي گادي واري شهر نوم پنه ۾ ڪمبوڊيا جي وقتي پرڏيهي وزير ۽ عالمي تعاون ايٽ سوفيا ۽ ڪمبوڊيا ۾ قازقستان جي سفير ڪانات توميش صحيحيون ڪيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين ٻه لاڳاپن ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي دائري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ياد رهي ته ڪمبوڊيا ۽ قازقستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1994ع ۾ قائم ٿيا هئا.












