وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مرحوم الطاف حسن قريشي جي رهائشگاهه آمد، ڪٽنب سان تعزيت

لاهور- 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشهور صحافي مرحوم الطاف حسن قريشي جي وارثن سان تعزيت ۽ فاتحه لاءِ سندس گهر ويو جتي هن مرحوم الطاف حسن قريشي جي پٽ ڪامران حسن قريشي ۽ ڌيءَ ڪرتبه مظهر سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن الطاف حسن قريشي …

لاهور- 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشهور صحافي مرحوم الطاف حسن قريشي جي وارثن سان تعزيت ۽ فاتحه لاءِ سندس گهر ويو جتي هن مرحوم الطاف حسن قريشي جي پٽ ڪامران حسن قريشي ۽ ڌيءَ ڪرتبه مظهر سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن الطاف حسن قريشي جي صحافتي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته مرحوم اعليٰ درجي جو انسان ۽ صحافي هو، سندس لاڏاڻي سان صحافت ۾ هڪ نه ڀرجندڙ خال پيدا ٿي ويو آهي.