وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي سعودي حج واري وزير ۽ عالمي وفدن سان ملاقات

مڪه مڪرمه - 30 مئي (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت جي انتظام هيٺ حج سيزن جي ڪامياب پڄاڻي تي مڪه مڪرمه  ۾ باوقار عالمي پڄاڻي واري ڪانفرنس منعقد ٿي.  جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير  سردار محمد يوسف جي سربراهي ۾ وفاقي سيڪريٽري ابرار احمد ۽ ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو تي ٻڌل پاڪستاني وفد شرڪت ڪئي. ڪانفرنس دوران وفاقي وزير، پنهنجي سعودي هم منصب، …

مڪه مڪرمه – 30 مئي (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت جي انتظام هيٺ حج سيزن جي ڪامياب پڄاڻي تي مڪه مڪرمه  ۾ باوقار عالمي پڄاڻي واري ڪانفرنس منعقد ٿي.  جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير  سردار محمد يوسف جي سربراهي ۾ وفاقي سيڪريٽري ابرار احمد ۽ ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو تي ٻڌل پاڪستاني وفد شرڪت ڪئي. ڪانفرنس دوران وفاقي وزير، پنهنجي سعودي هم منصب، حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حج انتظامن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي وزير  پاڪستاني حاجي سڳورن لاءِ ڪيل بهترين انتظامن جي زبردست لفظن ۾  تعريف ڪئي ۽ ايندڙ حج جا انتظام فوري طور شروع ڪرڻ جو اشارو به ڏنو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي وفاقي وزير سلطنت عمان، برونائي دارالاسلام، افغانستان، گڏيل عرب امارتن ۽ ڪويت سميت ٻين اسلامي ملڪن جي اوقاف وارن وزيرن ۽ اعليٰ سطحي حڪومتي وفدن سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن جي حج آپريشنز جي تجربن بابت ڳالهيون ڪيون ۽ مستقبل ۾ زائرين کي وڌيڪ جديد لاجسٽڪ ۽ ڊجيٽل سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون. عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاران پاڪستاني حج مشن جي انتظامي ڪاميابين کي ڀرپور پذيرائي حاصل ٿي.