ڪابل مان افغان شهري جو پاڪستاني عسڪري قيادت سان دلي محبت جو اظهار

اسلام آباد - 30 مئي (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل مان افغان شهري پاڪستاني عسڪري قيادت سان دلي محبت جو اظهار ڪندي سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ افغانستان جي بدترين حالتن جو ذميوار افغان طالبان کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وائرل ويڊيو ۾ افغان شهري جو چوڻ هو ته عيد جي ڏهاڙو آهي پر لڳي نه ٿو  ته هتي افغانستان ۾ ڪا عيد آهي. افغان …

اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل مان افغان شهري پاڪستاني عسڪري قيادت سان دلي محبت جو اظهار ڪندي سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ افغانستان جي بدترين حالتن جو ذميوار افغان طالبان کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وائرل ويڊيو ۾ افغان شهري جو چوڻ هو ته عيد جي ڏهاڙو آهي پر لڳي نه ٿو  ته هتي افغانستان ۾ ڪا عيد آهي. افغان شهري بُک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، بي انتها بيروزگاري آهي ۽ بارڊرز به بند آهن. افغان شهري وڌيڪ چيو آهي، ته افغانستان جي شهرين کي ٻن وقت جي ماني به ميسر ناهي. هن فتنه الخوارج کي افغانستان ۾ محفوظ پناه گاهون ڏيڻ تي طالبان رجيم  تي به تنقيد ڪئي. افغان شهري چيو ته انهن دهشتگردن کي افغان طالبان، پاڪستان جي حوالي ڪن، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني اسان جا ڀائر آهن، افغان شهري ڪابل مان ڪاغذ لهرائيندي  پاڪستاني عسڪري قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں