فتنه الهندستان جي دهشتگرد شهناز سان سندس گهرڀاتين جو مڪمل لاتعلقي جو اعلان

اسلام آباد - 30 مئي (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگرد شهناز سان سندس گهر ڀاتين مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان ۾ سرگرم ڀارتي پراڪسي ۽ ڪالعدم تنظيم فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندن گهر ڀاتي به لاتعلقي اختيار ڪرڻ لڳا آهن. تربت سان تعلق رکندڙ فتنه الهندستان جي دهشتگرد شهناز سان سندس گهر ڀاتين ۽ ويجهن مائٽن مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. فتنه الهندستان جي …

اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگرد شهناز سان سندس گهر ڀاتين مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان ۾ سرگرم ڀارتي پراڪسي ۽ ڪالعدم تنظيم فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندن گهر ڀاتي به لاتعلقي اختيار ڪرڻ لڳا آهن. تربت سان تعلق رکندڙ فتنه الهندستان جي دهشتگرد شهناز سان سندس گهر ڀاتين ۽ ويجهن مائٽن مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. فتنه الهندستان جي دهشتگرد شهناز جي والده رخسانه، ڏاڏي ۽ مامن تربت پريس ڪلب ۾ ٻڌايو ته شهناز ننڍي عمر ۾ ئي عمان هلي وئي هئي ۽ گذريل اٽڪل 12 سال کان خاندان جو ساڻس رابطو نه هو. شهناز جي والده چيو ته شهناز جو والد ان وقت وفات ڪري ويو هو جڏهن ته هو صرف 9 مهينن جي هئي.  خاندان کي ڪڏهن به ان جي ڪنهن شدت پسند سرگرمي يا ڪنهن ڪالعدم تنظيم سان رابطي جي حوالي سان ڄاڻ نه هئي. شهناز جي چاچي ۽ ٻين مائٽن چيو ته اسان جي خاندان جو هن سان ڪنهن به قول، فعل يا سرگرمي سان ڪو به تعلق ناهي. مائٽن چيو ته اسان ۽ اسان جو خاندان پرامن پاڪستاني آهيون، اسان هميشه قانون ۽ رياستي ادارن جو احترام ڪيو آهي. فتنه الهندستان جي دهشتگرد شهناز جي خاندان ۽ مائٽن جي لاتعلقي ظاهر ڪري ٿي ته بلوچ قوم دهشتگردي جي ناسور مان تنگ ٿي پئي آهي.

مزید خبریں