مڪو شريف- 30 مئي (اي پي پي)مڪي شريف جي نائب امير ۽ حج ۽ عمري جي مستقل ڪميٽي جي نائب صدر شهزاده سعود بن مشعل بن عبدالعزيز خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي نمائندگي ڪندي بيت الله شريف جو نئون غلاف (ڪسوه) باضابطه طور ڪعبي شريف جي چيف چاٻي رکندڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪعبي جي غلاف جي منتقلي ۽ حوالگي جي اها باوقار تقريب …
مڪي شريف جي نائب امير ڪعبي جو نئون غلاف چاٻي رکندڙن حوالي ڪري ڇڏيو، پهرين محرم تي ڪسوه جي تبديلي ٿيندي
مڪو شريف- 30 مئي (اي پي پي)مڪي شريف جي نائب امير ۽ حج ۽ عمري جي مستقل ڪميٽي جي نائب صدر شهزاده سعود بن مشعل بن عبدالعزيز خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي نمائندگي ڪندي بيت الله شريف جو نئون غلاف (ڪسوه) باضابطه طور ڪعبي شريف جي چيف چاٻي رکندڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪعبي جي غلاف جي منتقلي ۽ حوالگي جي اها باوقار تقريب مڪي شريف ۾ منعقد ٿي، جتي حج ۽ عمري واري وزير ۽ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوينجي معاملن جي جنرل اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر توفيق الربيعه ۽ بيت الله جي چيف چاٻي رکندڙ عبدالمالڪ الشيبي حوالگي جي سرڪاري دستاويزن تي صحيحيون ڪيون. اها تقريب هر سال پهرين محرم الحرام (نئين اسلامي سال) تي ڪعبي جي غلاف جي تبديلي جي سالياني راويت جي شروعات جو باضابطه اعلان آهي.












