آمريڪا پاران ايران جي تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل نيٽ ورڪس خلاف پابندين جي نئين پيڪيج جو اعلان

واشنگٽن- 30 مئي (اي پي پي)آمريڪا ايران جي تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل نيٽ ورڪس خلاف پابندين جي هڪ نئين پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٿامس پگوٽ چيو ته اهي قدم سڌي ريت ايران جي غير قانوني تيل معيشت کي نشانو بڻائن ٿا ۽ انهن اهم ادارن، ماڻهن ۽ سامونڊي جهازن خلاف آهن جيڪي تهران جي تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل مصنوعات جي …

واشنگٽن- 30 مئي (اي پي پي)آمريڪا ايران جي تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل نيٽ ورڪس خلاف پابندين جي هڪ نئين پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٿامس پگوٽ چيو ته اهي قدم سڌي ريت ايران جي غير قانوني تيل معيشت کي نشانو بڻائن ٿا ۽ انهن اهم ادارن، ماڻهن ۽ سامونڊي جهازن خلاف آهن جيڪي تهران جي تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل مصنوعات جي چر پر جي نيٽ ورڪ جو بنياد سمجهيا وڃن ٿا. هن چيو ته خاص طور تي پرڏيهي کاتو 8 ادارن تي پابنديون لڳائي رهيو آهي. پرڏيهي کاتي وڌيڪ ٽن ادارن ۽ هڪ ماڻهو کي به پابندين جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي جيڪي انهن غير قانوني شين جي واپار ۽ سهولتڪاري سان ويجهي طور ڳنڍيل آهن.

مزید خبریں