اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي امن جي قيام ۾ امن جٿن جي ڪردار کي نهايت موثر قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن جٿن لاءِ سڀ کان پراڻو ۽ وڏن حصيدار ملڪن ۾ شامل آهي. گڏيل قومن جي امن جٿن جو عالمي ڏينهن جيڪو جمعي ڏينهن تي ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان دنيا …
پاڪستان گڏيل قومن جي امن جٿن لاءِ سڀ کان پراڻو ۽ وڏن حصيدار ملڪن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي امن جي قيام ۾ امن جٿن جي ڪردار کي نهايت موثر قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن جٿن لاءِ سڀ کان پراڻو ۽ وڏن حصيدار ملڪن ۾ شامل آهي. گڏيل قومن جي امن جٿن جو عالمي ڏينهن جيڪو جمعي ڏينهن تي ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان دنيا سان گڏجي گڏيل قومن جي امن جٿن جي عالمي ڏينهن تي امن جي سپاهين کي ڀرپور انداز ۾ خراجت تحسين پيش ڪري ٿو. عالمي سطح تي هر سال اهو ڏينهن دنيا جي جنگ سٽيل علائقن ۾ گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ عسڪري، پوليس ۽ سويلين جٿن جي خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ملهايو ويندو آهي. هن سال هي ڏينهن ”امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سيڙپڪاري“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. هي موضوع پائيدار عالمي امن ۽ انساني جانين جي تحفظ کي هٿي وٺرائڻ ۾ پرعزم سياسي حمايت ۽ مالي مددد جي خاص اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي پهرين امن مشن جي قيام جي ياد کي به تازو ڪري ٿو، جنهن 1948ع ۾ فلسطين ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليون هيون. امن جٿن جي تاريخ ۾ 20 لک کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن 70 کان وڌيڪ امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن جٿن لاءِ سڀ کان پراڻو ۽ وڏن حصيدار ملڪن ۾ شامل آهي. عالمي امن جي قيام ۽ تحفظ ۾ انهن ملڪن جو امن جٿن معرفت نهايت موثر ڪردار آهي. هي ڪردار بيشڪ اجتماعي طور امن جي ترجيح ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. وزيراعظم ياد ڏياريو ته پاڪستان 1960ع کان وڌيڪ هن وقت تائين 2 لک 35 هزار اهلڪارن سان گڏ 48 کان وڌيڪ امن جٿن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي جن ۾ 500 کان وڌيڪ عورت اهلڪار به شامل آهن. هي ڳالهه پوري قوم لاءِ فخر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن جٿن لاءِ پاڪستان پنجون وڏو حصيدار ملڪ آهي، سڄي دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ بهادر، امن جٿا انسانيت جي تحفظ ۽ عالمي استحڪام لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي جيڪو امن سان گڏ انهن جي پرخلوص وابستگي جو اظهار آهي.هن وقت تائين 4 هزار 400 کان وڌيڪ امن اهڪار فرضن جي ادائيگي دوران شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 181 کان وڌيڪ پاڪستاني شامل آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي بهادر پٽن تي فخر آهي جيڪي دنيا جي مختلف خطن ۾ امن، استحڪام ۽ انسانيت جي تحفظ لاءِ پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ غير معمولي عزم سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز معرفت عالمي امن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿو. پاڪستان جو هي تعاون عالمي امن ۽ استحڪام ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري تي اسان جي پختي عزم جي عڪاس آهي.











