راولپنڊي-29 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي امن جٿن جي عالمي ڏينهن 2026ع جي موقعي تي پاڪستان عالمي امن جي قيام لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گڏيل قومن جي امن مشنز جي اهلڪارن، خاص ڪري پاڪستاني بيلو هيلمٽس کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان گذريل 6 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي …
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي امن مشنز جي اهلڪارن، پاڪستاني بيلو هيلمٽس کي شاندار خراج تحسين پيش

مزید خبریں
راولپنڊي-29 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي امن جٿن جي عالمي ڏينهن 2026ع جي موقعي تي پاڪستان عالمي امن جي قيام لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گڏيل قومن جي امن مشنز جي اهلڪارن، خاص ڪري پاڪستاني بيلو هيلمٽس کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان گذريل 6 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ ان جي پختي عزم جو اظهار آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 1960ع کان هن وقت تائين 2 لک 37 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني امن جٿن جا اهلڪار سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جي مختلف مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته 183 پاڪستاني اهلڪار عالمي امن جي قيام جي ڪوششن ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت پاڪستاني امن جٿا جمهوريه ڪانگو، ڏکڻ سوڊان ۽ وچ آفريقي جمهوريه سميت مختلف خطرناڪ علائقن ۾ مقرر آهن جتي هو عسڪري ڪاررواين سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب جديد جنگي حالتون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پيچيده، غير مستحڪم ۽ غيرمتوازن ٿي چڪيون آهن، جتي امن جٿن کي سائبر سيڪيورٽي خطرن، ڊجيٽل گمراهه ڪندڙ مهمن، سياسي ويڇي ۽ موسمياتي بحران جهڙا نوان چئلينجز سامهون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي امن جٿن جي عالمي ڏينهن 2026ع جو موضوع امن ۾ سيڙپڪاري ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته دنيا کي صرف تڪرارن جي رد عمل تائين محدود رهڻ بدران مستقل ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻا پوندا. آءِ ايس پي آر موجب موجوده دور ۾ امن ۾ سيڙپڪاري لاءِ جديد انٽيلي جنس نظام، شهرين جي تحفظ جي موثر انتظامن ۽ موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ آپريشنل فريم ورڪ اڻٽر آهي ته جيئن ڪمزور آبادين کي موثر تحفظ فراهم ڪري سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ هٿياربند فوج گڏيل قومن جي امن مشنز جي مقصدن ۽ اصولن سان پنهنجي پختي وابستگي کي ورجائين ٿا جنهن تحت انساني وسيلا جديد تربيتي سهولتون ۽ اداره جاتي سگهه ۾ سيڙپڪاري جاري رکي ويندي. آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان گڏيل قومن سان وک وک تي گڏ آهي ۽ عالمي برادري کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته پائيدار امن پاڻمرادو قائم نٿو رهي پر ان لاءِ مسلسل گڏيل ڪوششون ۽ سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي آهي، پاڪستان عالمي استحڪام، سلامتي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ ڪردار جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿو.











