سياچن گليشيئر تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر جوانن جي وطن واسين کي عيد مبارڪ

راولپنڊي-29 مئي (اي پي پي) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي دنيا جي بلند ترين ۽ ڏکي محاذ سياچن گليشيئر تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر جوانن  قوم جي نالي خصوصي پيغام جاري ڪندي وطن واسين کي عيد مبارڪون ڏنيون آهن ۽ ملڪ جي دفاع جي عزم کي ورجايو آهي. پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جڏهن سڄي قوم عيد جون خوشيون ملهائي رهي هوندي آهي ته هو سياچن …

راولپنڊي-29 مئي (اي پي پي) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي دنيا جي بلند ترين ۽ ڏکي محاذ سياچن گليشيئر تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر جوانن  قوم جي نالي خصوصي پيغام جاري ڪندي وطن واسين کي عيد مبارڪون ڏنيون آهن ۽ ملڪ جي دفاع جي عزم کي ورجايو آهي. پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جڏهن سڄي قوم عيد جون خوشيون ملهائي رهي هوندي آهي ته هو سياچن جي برف ڍڪيل چوٽين تي ملڪ جي تحفظ لاءِ هر وقت چوڪس بيٺل آهن. هنن چيو ته شديد سردي، برفاني هوائن ۽ ڏکين جابلو علائقن باوجود پاڪ فوج جا جوان ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ شيهي جي ڀت بڻيل آهن. جوانن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيدالاضحيٰ اسان کي ايثار، قرباني ۽ ملڪ تي جان قربان ڪرڻ جو درس ڏي ٿي ۽ پاڪ فوج جا جوان انهي جذبي تحت پنهنجون ذميواريون انجام ڏئي رهيا آهن. هنن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي جهنڊي جي حرمت انهن لاءِ جان کان وڌيڪ آهي ۽ دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪ فوج جي جوانن قوم کي اپيل ڪئي آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ملڪ جي امن، سلامتي ۽ پاڪ فوج لاءِ خاص دعائون گهريون وڃن.

مزید خبریں