پاڪستان ايٽمي ڌماڪن سان دنيا تي پنهنجي خودمختياري ۽ دفاعي صلاحيت ثابت ڪئي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته 28 مئي قومي خودمختياري ۽ دفاعي قوت جي روشن علامت آهي، پاڪستان ايٽمي ڌماڪن سان دنيا تي پنهنجي خودمختياري ۽ دفاعي صلاحيت ثابت ڪئي. خميس ڏينهن يوم تڪبير جي موقعي تي سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام …

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته 28 مئي قومي خودمختياري ۽ دفاعي قوت جي روشن علامت آهي، پاڪستان ايٽمي ڌماڪن سان دنيا تي پنهنجي خودمختياري ۽ دفاعي صلاحيت ثابت ڪئي. خميس ڏينهن يوم تڪبير جي موقعي تي سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو، محترمه بينظير ڀٽو ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جي تسلسل ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ 28 مئي 1998ع جا تاريخي ايٽمي ڌماڪا پاڪستان جي عزم جو اظهار هئا جن ڏکڻ ايشيا ۾ تزويراتي توازن قائم ڪيو، قومي سلامتي ۽ استحڪام جي معاملن تي سمورين سياسي قوتن کي متحد ٿيڻو پوندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته نوجوان تعليم، تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ميدان ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪن. سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هميشه محفوظ، مستحڪم ۽ ترقي يافته رکي.

مزید خبریں