راولپنڊي-28 مئي (اي پي پي) يوم تڪبير کي 28 سال ٿيڻ جي موقعي تي آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتاز (ملٽري) هلال جرئت، نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف نشان امتياز (ملٽري) تمغه بسالت ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) هلال جرئت هٿياربند فوج طرفان پاڪستانين کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن آءِ ايس …
هٿياربند فوج پاران يوم تڪبير جي موقعي تي پاڪستان جي ايٽمي عزم جو ورجاءُ ڪندي قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
راولپنڊي-28 مئي (اي پي پي) يوم تڪبير کي 28 سال ٿيڻ جي موقعي تي آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتاز (ملٽري) هلال جرئت، نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف نشان امتياز (ملٽري) تمغه بسالت ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) هلال جرئت هٿياربند فوج طرفان پاڪستانين کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب يوم تڪبير 28 مئي 1998ع جي تاريخي موقعي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جڏهن پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن بحال ڪيو. هي سنگ ميل قوم جي اتحاد، لچڪ ۽ پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي وقار جي تحفظ لاءِ پختي عزم جي علامت آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته هي تاريخي ڪاميابي دور انديش قيادت، اسان جي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي شاندار خدمتن ۽ هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني عوام جي قربانين جو چٽو ثبوت آهي. پاڪستان جي تزويراتي صلاحيت هڪ مقدس قومي امانت ۽ خطي ۾ امن، استحڪام، علائقائي سالميت ۽ قابل اعتماد ڊيٽرنس جي ضمانت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج سمورن خطرن خلاف وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي پختي عزم کي ورجائي ٿو ۽ قوم جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته هن موقعي تي الله تعاليٰ جي حضور ۾ عاجزي سان جهڪندي پاڪستاني قوم هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ پنهنجي اتحاد، چوڪسي ۽ لچڪ ۽ لگن جي عهد جي تجديد ڪري ٿي، پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان هميشه پائنده باد.











