ڪوئيٽا- 27 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ضلعي انتظاميه کي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ صفائي سٿرائي جا اثرائتا انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته عيد قرباني، محبت، همدردي ۽ يڪجهتي جو عظيم مذهبي …
عيدالاضحيٰ تي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم يقني بڻايا وڃن: بلوچستان جو گورنر

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 27 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ضلعي انتظاميه کي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ صفائي سٿرائي جا اثرائتا انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته عيد قرباني، محبت، همدردي ۽ يڪجهتي جو عظيم مذهبي ڏهاڙو آهي، جيڪو حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام جي عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته عيد جي خوشين سان گڏوگڏ معاشرتي ذميواريون نڀائڻ به ضروري آهي، جڏهن ته ضرورتمندن، يتيمن، بيواهن ۽ غريب ماڻهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ گهرجي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي زور ڀريو ته هو عيد دوران شهرين جي حفاظت لاءِ ٺوس قدم کڻن ته جيئن عوام پرامن ماحول ۾ مذهبي ڏهاڙو ملهائي سگهي.











