اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌريءَ پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن نور خان ايئر بيس تان رخصت ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ شهزاده رحيم آغا خان کي هڪ خاص فوٽو البم به پيش ڪيو، جنهن ۾ سندس دوري دوران اهم ملاقاتن ۽ يادگار لمحن …
پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري رخصت ڪيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌريءَ پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن نور خان ايئر بيس تان رخصت ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ شهزاده رحيم آغا خان کي هڪ خاص فوٽو البم به پيش ڪيو، جنهن ۾ سندس دوري دوران اهم ملاقاتن ۽ يادگار لمحن جون تصويرون شامل هيون. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ جي پاڪستان لاءِ خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ڀلائي، تعليم ۽ معاشي ترقي جي شعبن ۾ ان اداري جون خدمتون تمام گهڻيون تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت اي ڪي ڊي اين جي فلاحي، تعليمي ۽ معاشي قدمن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ ان جي سڄي ملڪ ۾ هاڪاري اثرن کي تسليم ڪري ٿي. وفاقي وزير ان اعتماد جو اظهار به ڪيو ته شهزاده رحيم آغا خان جو اهو پاڪستان جو دورو ۽ آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ وچ ۾ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.











