گهرو وزير محسن نقوي پاران منيٰ ۾ پاڪستاني حاجين جي ڪيمپن جو دورو

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي منيٰ ۾ پاڪستاني حاجين جي ڪيمپن جو دورو ڪيو. هن انتظامن ۽ حج پانڌيئڙن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو. گهرو وزارت موجب پنهنجي دوري دوران وفاقي وزير مختلف ڪيمپن جو معائنو ڪيو ۽ حاجي سڳورن لاءِ ترتيب ڏنل خدمتن جو ذاتي طور مشاهدو ڪيو. هن پاڪستاني حاجين خاص ڪري بزرگ شهرين سان به …

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي منيٰ ۾ پاڪستاني حاجين جي ڪيمپن جو دورو ڪيو. هن انتظامن ۽ حج پانڌيئڙن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو. گهرو وزارت موجب پنهنجي دوري دوران وفاقي وزير مختلف ڪيمپن جو معائنو ڪيو ۽ حاجي سڳورن لاءِ ترتيب ڏنل خدمتن جو ذاتي طور مشاهدو ڪيو. هن پاڪستاني حاجين خاص ڪري بزرگ شهرين سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن جي خيريت معلوم ڪئي. محسن نقوي هڪ 100 سالن جي حاجي سان خاص ڳالهيون به ڪيون. هن بزرگ حاجي جي همت ۽ عزم جي تعريف ڪئي. حاجي سڳورن پنهنجا تاثر گهرو وزير سان شيئر ڪيا ۽ ٻڌايو ته هلندڙ سال جا انتظام عام طور تي سٺا رهيا. گهرو وزير حاجين سان ڪيمپن ۾ فراهم ٿيندڙ رهائش ۽کاڌي پيتي جي سهولتن بابت پڇا ڪئي. هن وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي قيادت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ڪوششن جي به تعريف ڪندي حج آپريشنز جي انتظامن ۾ پوري ٽيم جي محنت جو اعتراف ڪيو. گهرو وزير چيو ته هر حاجي اسان لاءِ تمام خاص آهي. هن خاطري ڪرائي ته عملي جا ميمبر ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ 24 ڪلاڪ دستياب آهن. گهرو وزير سعودي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو، هن اهم تعاون خاص ڪري مڪه روٽ انيشيٽو تحت پاڪساني حج پانڌيئڙن کي پاڪستان ۾ اميگريشن سهولتون فراهم ڪيون. ان حوالي سان هن تعاون تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي حج وزارت جو به شڪريو ادا ڪيو.

مزید خبریں