سينيٽ چيئرمين پاران ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف کي ٻيهر ايران جي پارليامينٽ جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف کي ٻيهر ايران جي پارليامينٽ جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊاڪٽر قاليباف جي قيادت ۾ ايران جي پارليامينٽ ايراني عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ سان گڏوگڏ علائقائي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار جاري …

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف کي ٻيهر ايران جي پارليامينٽ جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊاڪٽر قاليباف جي قيادت ۾ ايران جي پارليامينٽ ايراني عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ سان گڏوگڏ علائقائي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندي. هن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته اهو رشتو گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهي. هن ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني، ڊاڪٽر قاليباف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ايران جي پارلياماني ادارن وچ ۾ امن، استحڪام، ۽ علائقائي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون جو سلسلو جاري رهندو.

مزید خبریں