اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته عرفات جو ڏينهن رحمت، مغفرت ۽ رب جي قرب جو عظيم ڏينهن آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ سڄي دنيا مان لکين فرزندانِ اسلام عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿي پنهنجي رب جي آڏو دعاڳو آهن، جڏهن ته ڪروڙين مسلمان ساڻن …
عرفات جو ڏينهن رحمت، مغفرت ۽ رب جي قرب جو عظيم ڏينهن آهي: پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته عرفات جو ڏينهن رحمت، مغفرت ۽ رب جي قرب جو عظيم ڏينهن آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ سڄي دنيا مان لکين فرزندانِ اسلام عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿي پنهنجي رب جي آڏو دعاڳو آهن، جڏهن ته ڪروڙين مسلمان ساڻن روحاني طور ان بابرڪت لمحي ۾ شريڪ آهن. هن چيو ته حج اسان کي اخلاص، صبر، ايثار، اتحاد ۽ الله تعاليٰ جي ڪامل اطاعت جو سبق ڏئي ٿو. هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته بندگي جو اصل مقصد پنهنجي رب جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ سمورن حاجي سڳورن کي مقبول حج عطا فرمائي، سندن دعائن کي قبوليت جو شرف بخشي ۽ سموري ملسمان امت کي امن، خوشحالي، اتفاق ۽ سر بلندي عطا فرمائي. پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن تلبيه لبيڪ اللهم لبيڪ، لبيڪ لاشريڪ لڪ لبيڪ، ان الحمد و نعمة لڪ والملڪ، لاشريڪ لڪ لبيڪ به لکيو.











