خيبر پختونخوا جي گورنر پاران اڳوڻي سفير اياز خان وزير جي ڌيءَ جي وفات تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ اڳوڻي سفير اياز خان وزير جي رهائشگاهه تي وڃي گذريل ڏينهن ٽريفڪ حادثي ۾ اياز وزير جي نوجوان ڌيءَ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو. گورنر هائوس جي ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊيءَ، اياز وزير ۽ ٻين خاندانن وارن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه …

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ اڳوڻي سفير اياز خان وزير جي رهائشگاهه تي وڃي گذريل ڏينهن ٽريفڪ حادثي ۾ اياز وزير جي نوجوان ڌيءَ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو. گورنر هائوس جي ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊيءَ، اياز وزير ۽ ٻين خاندانن وارن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں