اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 65 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 80 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهرو وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 42 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي …
دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 65 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 80 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهرو وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 42 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 40 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 40 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 39 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار ڪيوسڪ آهي.جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 21 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بيراجن جي انگ اکرن مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 65 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 56 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي مٿانهون وهڪرو 54 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو زيرو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگ اکرن مطابق تربيلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده سطح 1454.05 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.142 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1167.35 فوٽ ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.451 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشمه جو آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 641.60 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.055 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو .











