گڏيل قومون- 26 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڪوئٽا ويجهو چمن ڦاٽڪ وٽ مسافر ٽرين تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ٿيل ان ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. گڏيل قومن جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سيڪريٽري …
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڪوئٽا ٽرين تي دهشتگرد حملي جي مذمت
گڏيل قومون- 26 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڪوئٽا ويجهو چمن ڦاٽڪ وٽ مسافر ٽرين تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ٿيل ان ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. گڏيل قومن جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سيڪريٽري جنرل فوت ٿي ويلن جي خاندانن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه جو ورجاءُ به ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي هر صورت ۾ ناقابل قبول آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حملي جي ذميوار عنصرن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گڏيل قومن پاران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار به ڪيو.












