ايران جي صدر ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بحالي جا حڪم جاري ڪري ڇڏي

تهران- 26 مئي (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان پاران مواصلات واري وزارت کي اها هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ بحال ڪئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب مواصلات واري نائب وزير تصديق ڪئي آهي، ته صدر جا حڪم وٽس پهچي چڪا آهن ۽ اهي قدم عوام جي حقن جي بحالي ۽ عوامي اعتماد جي طرف هڪ اڳڀرائي آهن. ايران جي سرڪاري ذريعن اعلان ڪيو …

تهران- 26 مئي (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان پاران مواصلات واري وزارت کي اها هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ بحال ڪئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب مواصلات واري نائب وزير تصديق ڪئي آهي، ته صدر جا حڪم وٽس پهچي چڪا آهن ۽ اهي قدم عوام جي حقن جي بحالي ۽ عوامي اعتماد جي طرف هڪ اڳڀرائي آهن. ايران جي سرڪاري ذريعن اعلان ڪيو هو ته نائب صدر محمد رضا عارف جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس دوران ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي صورتحال بابت اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي ۽ صدر پز شڪيان جي حتمي منظوري کان پوءِ انهن فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

مزید خبریں