ماسڪو- 26 مئي (اي پي پي) روس پرڏيهه ۾ رهندڙ شهرين جي تحفظ لاءِ فوجي ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ وارو قانون منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ نئين قانون تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. جنهن تحت روس جي فوج کي پرڏيهه ۾ گرفتار يا سزا يافته روسي شهرين جي تحفظ لاءِ ڪارروائي جو اختيار حاصل هوندو. روس جي قانوني دستاويزن جي سرڪاري پورٽل …
روس پاران پرڏيهه ۾ رهندڙ روسي شهرين جي تحفظ لاءِ فوجي ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ وارو قانون منظور
ماسڪو- 26 مئي (اي پي پي) روس پرڏيهه ۾ رهندڙ شهرين جي تحفظ لاءِ فوجي ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ وارو قانون منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ نئين قانون تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. جنهن تحت روس جي فوج کي پرڏيهه ۾ گرفتار يا سزا يافته روسي شهرين جي تحفظ لاءِ ڪارروائي جو اختيار حاصل هوندو. روس جي قانوني دستاويزن جي سرڪاري پورٽل تي جاري بيان موجب روس جي فوج پنهنجي حدن اندر رهندي اهڙن روسي شهرين جي تحفظ ۾ حصو وٺي سگهي ٿي جن کي پرڏيهي عدالتن يا عالمي ٽربيونلز جي فيصلن تحت گرفتار، حراست ۾ يا قانوني ڪارروائي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. قانون ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اهي اختيار سندن ڪيسن تي لاڳو هوندا جن ۾ روس شامل نه هو ۽ نه ئي انهن عدالتن جو دائر اختيار ڪنهن اهڙي عالمي معاهدي يا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي ٻڌل هوندو جنهن ۾ روس شريڪ هو. روس جي حڪومت موجب اهو قانون اشاعت جي 10 ڏينهن کان پوءِ لاڳو ٿي ويندو.












