چلي ۾ 6.1 شدت جو زلزلو

بيجنگ- 26 مئي (اي پي پي) چلي ۾ 6.1 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز موجب چلي ۾ 6.1 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. اداري موجب زلزلو گرين وچ وقت مطابق رات جو 9 لڳي 52 منٽن تي آيو. زلزلي جي گهرائي 152 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز 22.47 درجا ڏکڻ عرض البلد ۽ …

بيجنگ- 26 مئي (اي پي پي) چلي ۾ 6.1 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز موجب چلي ۾ 6.1 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. اداري موجب زلزلو گرين وچ وقت مطابق رات جو 9 لڳي 52 منٽن تي آيو. زلزلي جي گهرائي 152 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز 22.47 درجا ڏکڻ عرض البلد ۽ 65.85 درجا اولهه طول البلد تي واقع هو. شروعاتي اطلاعن موجب فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.

مزید خبریں