وزيراعظم محمد شهباز شريف جون بيجنگ ۾ ناليواري چيني ڪمپنين جي اعلى سطحي وفدن سان ملاقاتون

بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ ناليواري چيني ڪمپنين جي اعلى سطحي وفدن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت اقتصادي، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف فيمسن جي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي …

بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ ناليواري چيني ڪمپنين جي اعلى سطحي وفدن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت اقتصادي، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف فيمسن جي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زينگ جون چن ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان جي زرعي شعبي خاص طور تي اناج ذخيرو ڪرڻ، فيڊ جي پيداوار ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان فيمسن جي ڊگهي مدي وارين خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم فصلن جي واڍيءَ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل قرار ڏيندي فيمسن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ گرين پاڪستان انيشي ايٽو تحت فراهم ڪيل مراعتن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ مينوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جون سهولتون قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم شينڊونگ زون شو گروپ ڪارپوريشن جي چيئرمين هائو جيان شن ۽ ان جي وفد سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ سامونڊي شعبي جي ترقي، بيٽري مينوفيڪچرنگ، معدنيات جي پراسيسنگ ۽ صنعتي تعاون جي شعبن ۾ گروپ جي وڌندڙ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف زن شو گروپ جي زن شو اسپيشل اڪنامڪ زون، پورٽ قاسم ۾ سي ٽو اسٽيل منصوبي، گوادر ۽ اتر معدنياتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم انهن اسٽريٽجڪ منصوبن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت انهن تي تيز رفتار عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي چيئرمين زانگ بنگنان ۽ چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي اعلى نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل ڇهن ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي، خاص طور تي قراقرم هاءِ وي ۽ رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون جهڙن اهم منصوبن ۾ انهن ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو. هن سي پيڪ تحت ايم ايل – 1، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ ۽ رابطن جي ٻين منصوبن تي تيزي سان اڳڀرائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سي آر بي سي کي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۾ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. چيني ڪمپنين پاڪستان جي اقتصادي صلاحيت تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي زراعت، صنعتي پيداوار، لاجسٽڪس، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ وزيراعظم جي معاونت وفاقي وزيرن ۽ اعلى سرڪاري عملدارن ڪئي، جن کي انهن ڪاروباري ملاقاتن ۾ ڪيل فيصلن تي موثر ۽ وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.

مزید خبریں