بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پاڪ چين اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ آءِ بي آءِ ڪارپوريشن …
چيني ڪمپنين کي ڪاروبار جي فروغ ۽ توسيع جي لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪنداسين: وزيراعظم شهباز شريف جو بيجنگ ۾ آءِ بي آءِ ڪارپوريشن جي هيڊڪوارٽر ۾ تقريب کي خطاب

مزید خبریں
بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پاڪ چين اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ آءِ بي آءِ ڪارپوريشن جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهڙي نوعيت جي لاڳاپن جو فروغ پاڪ چين جي هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جو اهم ٿنڀ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چيني ڪمپينن کي پنهنجي ڪاروبار جي فروغ ۽ توسيع جي لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ٽيڪنيڪي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته کيس ڪجهه هفتا اڳ اسلام آباد ۾ آءِ بي آءِ جي وفد جي ميزباني ڪري خوشي ٿي ۽ هن ڪمپني کي پاڪستان ۾ ان جي ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي پاڪستان جي چار اهم ترين ترجيحي پروگرامن ۾ شامل آهي، جن کي حڪومت تيز رفتاري سان اڳتي وڌائي رهي آهي. تقريب ۾ موجود نوجوان شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي وزيراعظم کين باصلاحيت ڪاروباري شخصيتون ۽ پنهنجي شعبن جا ماهر قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت نوجوانن کي فني تربيت ۽ مختلف شعبن ۾ مهارتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن ۽ پاڪستان چين تعاون ان جي ويجهي رابطي جي ذريعي وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيني سيڙپڪارن کي ڪراچي ۾ پورٽ قاسم ويجهو قائم پهرين خصوصي اقتصادي زون جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اهو 6 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي ٻڌل هڪ انتهائي اميد جوڳو منصوبو آهي، جتي جديد بنيادي ڍانچو ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کان اڳ آءِ بي آءِ پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال فينگتائي ڊسٽرڪٽ جي پارٽي سيڪريٽري وانگ شائوفينگ ۽ آءِ بي آءِ جي صدر چيان شياوجون ڪيو. چين پاڪستان صنعتي تعاون جي فروغ ۽ سرحد پار صنعتي لنگهن بابت اجلاس ۾ 150 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ انهن جي نمائندن شرڪت ڪئي.











